ڄٽيا (ذات)

ڄٽيا (ذات): هي مارواڙ کان لڏي آيل هندو آهن، هي جاٽيا ۽ جٽيا به سڏجن ٿا. هنن جو اٿڻ ويهڻ، ڌنڌو ڌاڙي ڪلالن جھڙو آهي. هي شِوَ جا پوڄاري آهن ۽ پير رامديو جا مريد آهن. هي هندن جي گھٽ ذات سمجهي ويندي آهي، چمڙي رڱڻ جو ڪم ڪن ٿا، مئلن کي ساڙين ٿا. حيدرآباد ۾ ڪافي تعداد ۾ رهندڙ آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو